اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي شه??دن جي ڪٽنب سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. سومر ڏينه?? ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت شه??د نائيڪ تاج محمد ۽ لانس نائيڪ امتياز احمد جي گهر ڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. ٻئي 15 نومبر تي ضلعي باجوڙ جي علائقي هلال خيل جي حملي ۾ شه??د ٿيا. صدر مملڪت شه??دن جي والدين سان ڳالهايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اوهان جي پُٽن جون خدمتون ڪڏهن به وِساري نه سگهبيون، قوم وطن جي بهادر پُٽن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر مملڪت دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندن روح کي ابدي سڪون عطا فرماءِ. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي باقيات جي مڪمل خاتمي تائين اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.