اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪش??ير?? (سڀاڻي) خميس ڏينهن ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائيندا ۽ دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيندا ته اهي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا، ان موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقرينون منعقد ڪيون ??ين??يون. ڪل جماعتي حريت ڪانف??نس جي اپيل تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 27 آڪٽوبر تي هڙتال ڪئي ??ين??ي ۽ ڪش??ير?? عوام ان ڳالهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائيندي ته اها ڀارت جي غلامي کان آزادي تائين پنهنجي جدوجهد جاري ??کندي. حريت ڪانف??نس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڙتال جي ڪال ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪش??ير??ن ۽ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي طرف عالمي برادري ??و ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ سڄي دنيا ۾ ڀارتي سفارتخانن، گڏيل قومن جي آفيسن، تاريخي جاين ۽ مختلف گادي وارن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪن. 27 آڪٽوبر کي سڄي دنيا ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارت بنا ڪنهن قانوني جواز جي رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو جنهن کانپوءِ هيستائين ڀارتي قابض فوج بيدردي سان بيگناهه ۽ معصوم ڪش??ير??ن جو قتلام ڪري ??هي آهي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون ??ين??يون.