اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري ڪمرشل ۽ ڪاروباري معاملن واري آمريڪي خصوصي نمائندي دلاور سيد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر، آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مسعود خان ۽ ٻي?? سينيئر عمل??ار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ??وڏ جي صورتحال، ??وڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان قدم آمريڪي مدد ۽ پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري تازي ??وڏ دوران آمريڪا پاران فراهم ڪيل معاملن تي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن واپاري لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي واپاري معاملن واري خصوصي نمائندي دلاور سيد ??وڏ سان ٿيندڙ تباهين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.