راولپنڊي – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ 75 هون دف??ع جو ڏهاڙو گڏيل جوش ۽ جذبي ۽ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، سرڪاري ۽ ??جي تعليمي ادارن ۾ تقريري مقابلن، ملي نغمن ۽ ٽيبلوز ذريعي 1965ع جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو، ان موقعي تي سيمينارز ۽ ڪانفرنسز پڻ منعقد ڪيون وينديون، 6 سيپٽمبر تي دف??ع جي ڏهاڙي طور تي ملها??ڻ جو مقصد اهو آهي ته نئين نسل کي باور ڪرائي سگهجي ته ڀارت 1965ع ۾ رات جي اونداهي ۾ ڪهڙي طرح بزدلاڻي ڪارروائي ڪندي پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو ۽ اسان جي بهادر هٿياربند فوج ڀارت کي سخت جواب ڏئي نه رڳو ملڪ جو دفاع ڪيو پر ڀارت کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. پهرين سيپٽمبر 1965ع تي جڏهن اها اطلاع ملي ته ڀارتي فوج ڪشمير ۾ پاڪستاني فوج کي نشانو بڻا??ڻ جو منصوبو بڻايو آهي ته پاڪ فضائيه هوائن ۽ فضائن ۾ پنه??جي حڪمراني ۽ ع??لد??ري قائم رکي، پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جارحاڻي انداز ملڪ جي فضائي ح??ن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو.