اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپار (مصنوعات جي واپار) جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. معاهدي تي صحيحن واري تقريب وزيراعظم آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ترڪيه جي واپار واري وز??ر مهمت موش ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار واري وز??ر مهمت موش معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ترڪيه زرعي ۽ صنعتي شعبن جي پاڪستان جي مختلف مصنوعات جي برآمد تي 261 ٽ??رف لائينز جڏهن ته پاڪستان 130 ٽ??رف لائينز جي رعايت ڏني آهي. ٻطرفي واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ 2016ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ ان وقت ترڪيه جي معيشت واري وز??ر مصطفيٰ علي تاس ۽ پاڪستان جي واپار واري وزير خرم دستگير خان صحيحون ڪيون هيون. فريم ورڪ معاهدي تحت مختلف اهڙن شعبن جي نشاندهي جي لاءِ گڏيل اسٽڊي شروع ڪئي جنهن ۾ واپار جي راهه ۾ ايندڙ ٽ??رف جون رڪاوٽون ختم ڪري ٻئي ملڪ اڳڀرائي ڪري سگهيا پئي. مئي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري کان اڳ تائين ترجيحي واپار جي معاهدي تي ڳالهين جو عمل سستي جو شڪار رهيو. ان دوري کانپوءِ ترجيحي واپار جي معاهدي تي تيزي سان اڳڀرائي ٿي ۽ ان معاهدي جي لاءِ ڳالهيون 19 دورن کانپوءِ 12 آگسٽ تي معاهدي کي صحيحن جي لاءِ حتمي شڪل ڏني وئي. مصنوعات جي واپار جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجيحي واپار جي معاهدي تحت پاڪستان 216 ٽ??رف لائينز ۾ مارڪيت تائين پهچ حاصل ڪئي آهي ۽ انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي برآمدات جو ڪاٿو 5.1 ارب ڊالر جڏهن ته ترڪيه جي انهن مصنوعات جي عالمي درامدات 7.6 ارب ڊالر آهي. پاڪستان جن 130 ٽ??رف لائينز تي رعايت ڏني آهي انهن ۾ ترڪيه جي عالمي برامدات 23 ارب ڊالر آهي جيڪا ترڪيه جي عالمي برآمدات جو 12 سيڪڙو بڻجي ٿي جڏهن ته انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي درآمدات 6 ارب ڊالر آهي. 22 – 2021ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جو ٻطرفو واپاري ڪاٿو 883 ملين ڊالر رهيو جن ۾ پاڪستان جي ترڪيه جي لاءِ برآمدات جو ڪاٿو 366 ملين ڊالر جڏهن ته ترڪيه سان پاڪستان جي برآمدات 517 ملين ڊالر هئي ۽ 22 – 2021ع ۾ واپاري توازن ??رڪيه جي حق ۾ 151 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.