اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب بي جي پي اڳواڻن ج?? نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي وارن بيانن ج?? شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته خاتم المرسلين نبي رحمت حضرت محمد ﷺ جي ناموس ۾ گستاخي ڪري بي جي پي جي اڳواڻن پاڻ کي خسيس ثابت ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دنيا جي سمورن انسانن لاءِ رحمت بڻجي ايندڙ نبي اڪرم ﷺ جي پاڪ سيرت ۽ ڪردار جو مطالعو ڪندڙ ڪو به سليم الفطرت انسان ان ج?? احترام ۽ ادب کانسواءِ رهي ن??و سگهي، ڪهن چيو ته بي جي پي اڳواڻن ج?? گستاخي وارن بيانن ج?? شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اهو بي جي پي جي انتهاپسنداڻي ۽ فتني واري سوچ جو هڪ ٻيو ثبوت آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عالمي برادري بين المذاهب هم آهنگي ۽ مقدس هستين ج?? احترام جي عالمي تحريڪ جي منافي ڀارتي حڪومت جي روين ۽ قدمن ج?? نوٽيس وٺي، هن چيو ته ڀارت اقليتن خاص طور تي مسلمانن ج?? بينادي حقن، مذهبي آزادين ۽ بنيادي انساني حقن ج?? مجرم آهي، ان کي ڪهٽڙي ۾ بيهاريو وڃي، وفاقي وزير چيو ته هر مسلمان پنهنجي آقا ڪريم ﷺ جي عزت ۽ حرمت کي پنهنجي جان کان وڌيڪ عزيز سمجهي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ مرڻ لاءِ تيار آهي.