اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته هتڪ عزت سول قانون آهي پر تهمت، توهين ۽ الزام بازي اسلامڪ لاء جا واضح قانون آهن ۽ ان ڏوهه تي سخت سزائون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خاص طور تي سورت النساءِ ۾ عو??تن تي تهمت ته حد آهي تنهن ڪري اهو چوڻ صحيح نه آهي ته ڪريمنل قانون بڻائڻ غلط آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته بحث اهو ٿيڻ گهرجي ته ان جو غلط استعمال روڪيو وڃي نه ڪي اهو ته قانون هجڻ ئي نه گهرجي.