اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معاشي ترق?? جي لاءِ صنعتي شعب?? جي ترقي انتهائي ضروري آهي، حڪومت صنعتي ترق?? جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ننڍي ۽ وچولي ??ئم??ن?? جي صنعت جي لاءِ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم اي پاليسي جاري ڪئي وئي، ڪورونا وبا دوران حڪومت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري صنعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ صنعتي شعب?? جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي صنعتي شعب?? جي موجوده صلاحيت ۽ ترق?? جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي باوجود صنعتي شعبي تمام گهڻي ترقي ڪئي جنهن جو سڀ کان وڏو دليل ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جو پنهنجي مڪمل صلاحيت سان ڪم ڪرڻ آهي، تعميراتي شعب?? جي ترق?? جي لاءِ حڪومتي پئڪيج جي ڪري ملڪ ۾ نه رڳو اقتصادي بهتري آئي پر روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مينوفيڪچرنگ سيڪٽر هن وق?? جي ڊي پي جو 12.79 سيڪڙو آ??ي جڏهن ته حڪومت ان کي وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترقي سان ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي ۽ مجموعي طور تي ملڪي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت کي وڌائڻ، ِسڪ يونٽس کي فعال ڪرڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پلانٽ ۽ مشينري ۾ سيڙپڪار?? جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي آ??ي جنهن تي عملدرآمد ترجيحي بنيادن تي جاري آهي. ان کانسواءِ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ، ننڍي ۽ وچولي ??ئم??ني تي صنعت جي ترق?? جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم صنعتن ۾ سيڙپڪار?? جي حوصلا افزائ?? جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، اسد عمر، خسرو بختيار، حماد اظهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.