بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم جي دوري ک??نپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اض??فو ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته چين جي دوري دوران اسان جون چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿي ره??ون آهن جيڪي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم پاڻ انهن جي سڌوسنئون ڳالهه ٻڌي ره??و آهي ۽ جيڪي نقطا اهي اٿاري ره??ا آهن انهن جو جواب ۽ سمورين وزارتن کي ان حوالي سان عملدرآمد جي لاءِ حڪم پڻ جاري ڪري ره??و آهي. وزيراعظم عمران خان چيني وزيراعظم لي سان ملاقات پڻ ڪري ره??و آهي ۽ پاڪستان جن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ درخواست ڪري ره??و آهي انهن تي به غور ٿيندو. چيني صدر شي جن پنگ سان آچر ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان اهي ئ?? نقطا اٿاريندو. اميد آهي ته هن دوري ک??نپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اض??فو ٿيندو.