اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پاڪس??ان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي هُن پار نام نهاد ”لانچ پيڊز“ ۽ ”ٽرننگ“ ڪيمپن جي موجودگي بابت ڀارتي آرمي چيف جي ڪوڙن تبصرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ڀارتي جنرل جي بي بنياد الزامن ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه آهي ڇو ته اهو پاڪس??ان جي خلاف پروپيگنڊا جو هڪ حصو آهي جيڪو ڀارت ۾ بي جي پي ۽ آر ايس ايس ڳٺ جوڙ جي ذريعي هلايو پيو وڃي. ڀارتي حڪومت پنهنجي ويڙهاڪ ۽ توسيع پسنداڻي ايجنڊا ”اکنڊڀارت“ جي گمراهه ڪن تصور تي عمل پيرا آهي، جيڪو علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي، ترج??ان چيو ته ڀارتي آرمي چيف هندس??ان جي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ??ان عالمي ڌيان هٽائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي جاري آهي. پاڪس??ان ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي والاريل ڪشمير ۾ پنهنجا ظلم ۽ ستم کي روڪي ، ڪشميرن تي ظلم ۽ ستم کي ترڪ ڪري ۽ کين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳ??پيل قراردادن تحت ۽ ان جي ڪيل واعدن موجب حق خوداراديت کي استع??ال ڪرڻ جو حق ڏي، ترج??ان چيو ته پاڪس??ان ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورا حل طلب تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهين جي لاءِ پرعزم آهيون، تنهن ه??ند?? به اها ذميداري ڀارت تي آهي ته هو ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.