اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف جي دعوت تي 16 کان 17 سيپٽمبر تي تاجڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به وزي??اع??م عمران خان سان گڏ هوندو، وزي??اع??م جو وچ ايشيا جو اهو ٽيون دورو هوندو، جنهن سان خطي جي ملڪن سان گڏ پاڪستان جي وڌندڙ لا??اپن جي عڪاسي ٿئي ٿي، وزي??اع??م عمران خان دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 20 هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، ان کان اڳ هن 13 ۽ 14 جون 2019ع تي ڪرغز جمهوريه جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ ٿيندڙ ايس سي او جي سربراهي اجلاس ۽ 10 نومبر 2020ع تي وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي روس جي ميزباني ۾ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي. شنگهائي تعاون تنظيم هڪ 8 رڪني مستقل عالمي علائقائي تنظيم آهي جنهن کي 15 جون 2001ع تي شنگهائي ۾ قائم ڪيو ويو هو، پاڪستان 2005ع ۾ ايس سي او هو مبصر ۽ جون 2017ع ۾ آستانه سربراهه اجلاس ۾ تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻيو. روس، چين، ڀارت ازبڪستان، ڪازڪستان، جمهوريه ڪرغز ۽ تاجڪستان ايس سي او جا ٻيا ميمبر ملڪ آهن، شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ايران، مينگوليا، بيلاروس ۽ افعانستان مبصر جڏهن ته آذربائيجان، آرمينيا، ڪمبوڊيا، نيپال، ترڪي ۽ سريلنڪا ڊائيلاگ پارٽنر جي حيثيت سان شام?? آهن، وزي??اع??م شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ٻين شريڪ ميمبرن سان ٻه طرفي ملاقاتون به ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزي??اع??م تاجڪ صدر سان ملاقات ڪندو. ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ٻه طرفي لا??اپن جي سڀني رخن جو احاطو ڪندي جنهن ۾ علائقائي رابطن تي خصوصي ڌيان سميت واپا??ي، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لا??اپن کي وڌائڻ شام?? آهي، ٻئي ملڪ ان کان اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ داخل ٿيڻ جي مضبوط عزم جو اظهار ڪري چڪا آهن. وزي??اع??م عمران خان پاڪستان، تاجڪستان بزنس فورم جي پهرين اجلاس جو افتتاح به ڪندو. جنهن جي لاءِ پاڪستاني واپارين جو هڪ گروپ دوشنبي جو دورو ڪندو، جوائنٽ بزنس فورم وڌندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لا??اپن کي متحرڪ ڪندو ۽ ٻنهي پاسن کان واپاري برادري جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن کي فرو?? ڏيندو. ان موقعي تي پاڪستان، تاجڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل جو اجلاس به ٿيندو، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي رشتن تي ٻڌل ويجها ڀائراڻا لا??اپا آهن، ٻئي ملڪ خطي ۾ معاشي ترقي، امن ۽ سلامي ۽ استحڪام کي فرو?? ڏيڻ لاءِ گڏيل خيال ۽ هڪجهڙي خواهش رکندا آهن، وزي??اع??م عمران خان جو اهو دورو وچ ايشيا سميت ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت پاڪستان جي گهري لا??اپن جو حصو آهي جنهن ۾ سياسي لا??اپا، واپار ۽ سيڙپڪا??ي، توانائي ۽ رابطن کانسواءِ سيڪيورٽي ۽ دفاع جي 5 اهم شعبن تي ڌيان ڏنو ويو آهي.