اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هي اسلامي دنيا تي آزمائش جو وقت آهي، قبله اول تي حملو اسلامي دنيا تي حملو آهي، 27 رمضان المبارڪ تي اسرائيل قبله اول مسجد اقصيٰ تي حملو ڪري پوري مسلمان امت کي للڪاريو آهي، ان وقت کان هيستائين وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ??ي حڪومت هڪ لمحو به ضايع نه ڪيو، آمريڪا پاران سلامتي ڪائونسل جي امن جي لاءِ ??فارشن کي ويٽو ڪري رڪاوٽ وڌي وئي، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه رهندي ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ فلسطين جي معاملي تي تاريخ جي صحيح رخ ۾ تي بيٺل هوندو، پي ٽي آءِ ??ي حڪومت فلسطين م??ئل?? ۽ ڪشمير م??ئل?? تي ڪڏهن به آنچ اچڻ نه ڏيندي، جمعي 21 مئي تي پوري قوم فلسطينين سان پرامن ۽ ش??ئسته انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪري. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي ح??ال?? سان پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پوري ايوان کي مبارڪباد ڏني ته حڪومت جا هٿ ان اتفاق راءِ ??ان مضبوط ٿيندا ۽ پاڪستان جو وقار بلند ٿيندو.