اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 72 فوتگيون ٿيون جنهن م??ن 27 فوتگيون وينٽيليٽرز ??ي موجود مريضن جون هيون، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن م??ن جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 270 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 ج?? مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 52 سيڪڙو، لاهور ۾ 52 سيڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 57 سيڪ??و مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 62 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو، گجرات ۾ 86 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 37 سيڪ??و مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??يڊ – 19 جا 39 هزار 42 ٽيسٽ ڪيا ويا جن م??ن سنڌ ۾ 6 هزار 622، پنجاب ۾ 20 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 278، اسلام آباد ۾ 5 هزار 384، بلوچستان ۾ 249، گلگت بلتستان ۾ 246، آزاد ڪشمير ۾ 684 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 85 هزار 271 ٿي چڪو آهي.