ڪوئيٽا – 22 آڪٽوبر اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خ??ن سوري س??ن سوئي سدرن گئس ڪمپني جي جنرل مئنيجر مدني عرفات صديقي ملاقات ڪئي آهي، ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر هدايت ڪئي ته سيءِ اچي رهيو آهي ماڻهو هاڻي کان ئي گئس جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ جون شڪايتون ڪري رهيا آهن فوري طور تي ماڻهن جا مسئلا حل ڪري گئس جي سپلائي بح??ل ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو وڃي، هن چيو ته هڪ طرف ماڻهو غربت جي باوجود گئس بلز جي ادائيگي ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود هيستائين ماڻهن کي گئس جي سهولت ميسر ن??هي.