اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 670 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 6 ماڻهو ڪورونا جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 24 هزار 22 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 774، پنجاب ۾ 8 هزار 124، خيبرپختونخوا ۾ هڪ هزار 876، اسلام آباد ۾ 2 هزار 873، بلوچستان ۾ 978، گلگت بلتستان ۾ 223، آزاد ڪش??ير ۾ 165 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 66 هزار 301 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪش??ير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ??ورونا جو مريض هن وقت وين??يل??ٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وين??يل??ٽرز تي 141 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ڪوورنا جا ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 16 هزار 248 آهي، هيستائين ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 88 هزا?? 717 آهي، جنهن مان آزاد ڪش??ير ۾ 2 هزار 181، بلوچستان ۾ 12 هزار 224، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 486، اسلام آباد ۾ 15 هزار 378، خيبرپختونخوا ۾ 35 هزار 153، پنجاب ۾ 95 هزار 391 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 25 هزار 904 مريض آهن.