اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رمضان المبارڪ ۾ مسجدن ۾ اجتماع ۽ تراويح نماز بابت سفارشن جي تي??ري لاءِ سمورن صوبن جي گورنرز ۽ عالم سڳورن جو اجلاس 18 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي. اهو فيصلو ايوان صدر ۾ هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز احمد شاهه، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي و??ري وفاقي وزير پير نورالح?? قادري شرڪت ڪئي.