اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته قوم کي خاطري ڪرايون ٿا ته ڪرونا وائرس جي وبا جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ سڄي قوم کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي سلامتي ڪميٽي جو ??جلاس طلب ڪيو ويو آهي، ان ۾ سمورن صو??ن کي به گهرايو ويو آهي جنهن ۾ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا، هر ملڪ ان بيماري جي خلاف پنهنجي طور قدم کڻي رهيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو ??واب ڏيندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته واقعي وڏي ڳڻتي جوڳي صو??تحال آهي، ح??ومت ان صو??تحال کان آگاهه آهي ۽ قدم کنيا پيا وڃن.