اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته ملڪي معيشت کي وينٽيليٽر تي ڇڏيندڙن کي عوام پارليامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، (ن) ليگي قيادت جي پنهنجي معيشت ۽ ڪاروبار ۾ بلڪل بدحالي آئي آهي، وچ مدي وارين چونڊن جي ڳالهيون ڪري (ن) ليگ پنهنجي گراهڪن کي تسليون ۽ پنهنجي ٻڏل سياسي ٻيڙي کي سهارو ڏئي رهي آهي، ڀا??ي جان بدڪلامي جُون سموريون حدون پار ڪري پنهنجي ذهنيت جي عڪاسي ڪندي ثابت ڪيو ??ه هو پنهنجي ماءُ، ڀين?? ۽ ??ن جي عزت ۽ توقير کان آگاهه نه آهي، ايم ڪيو ??يم جا سمورا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن جلد ايم ڪيو ??يم ٻيهر ڪابينا جو حصو هوندي، ڪرونا وائرس جو علاج ۽ روڪٿام ڪندڙ ملڪن ۾ به ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙيو، پاڪستان حفاظتي انتظامن، آگاهي ۽ اسڪريننگ تي ڌيان ڏئي رهيو ??هي، پاڪ فوج جو مڪمل ڍانچو ان عمل ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هو ??فا??ي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران مختلف سوالن جا جواب ڏئي رهي هئي.