اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت خصوصي ??عاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ايران جي پاڪستان ۾ مقرر سفير مهدي هنردوست ا??وداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ميڊيا، فلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ با??ت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي شخصيتن ثقافتي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ڇو ته ٻنهي مل??ن وٽ عالمي سطح تي پيش ڪرڻ جي لاءِ عظيم قومي ورثو، روايتون ۽ قدر موجود آهن.