اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا ??ضل الرحمان چيو آهي ته سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون جمهو??ي عمل جو اهم جُز آهن، افهام ۽ تفهيم کان پاسو ڪرڻ ۽ ڳالهين کان انڪار ڪرڻ غير جمهوري رويو آهي. اها ڳالهه هن حڪومتي اتحاد ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان ۽ مسلم ليگي اڳواڻ سي??يٽ?? عرفان صديقي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن مولانا ??ضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سندس طبيعت پُڇي. هن چيو ته پاڪستان کي هر اعتبار سان استحڪام ۽ گڏيل اتحاد جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ سياسي هم آهنگي ضروري آهي. سي??يٽ?? عرفان صديقي، مولانا ??ضل الرحمان کي ڳالهين وا??ي عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي معاملي کي احسن طريقي سان سلجهائڻ لاءِ مولانا ??ضل الرحمان جي ڪوششن کي ساراهيو.