اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگر??م جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ پاڪستن ۾ جرمني جي سفير الفريڊ گراناس وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ نوجوانن جي مٽاسٽا جي امڪاني م??قع?? ۽ گڏيل تعاون جي قدمن تي روشني وڌي وئي، ان م??قع?? تي اولمپيئن خواجا جنيد ۽ وزيراعظم يوٿ پروگر??م جو فوڪل پرسن سيده آمنه بتول به موجود هئي. ڪالهه وزيراعظم يوٿ پروگر??م جي آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڌرين تعليمي مٽاسٽا، هنرمندي جي پروگران ۽ راندين ۽ نوجوانن جي ترقي جي شعبن ۾ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڀريندي ٻنهي ملڪن جي نوجوانن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا موقعا تلاش ڪيا. وزيراعظم يوٿ پروگر??م جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سڄي پاڪستان ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪيو. هن ??يو ته وزيراعظم يوٿ پروگر??م جنهن ۾ تعليم، روزگار، انٽر??ري??يورشپ جا قدم شامل آهن جيڪي عالمي حصيدارن کان وڏو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، هي نوجوانن کي عالمي بهترين طريقن ۽ پيشيوراڻي نيٽ ورڪس کا?? روشناس ڪرائڻ جي آڇ ڪن ٿا. سفير الفريڊ گراناس پاڪستان جي نوجوانن جي قدمن لاءِ جرمني جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جرمني پاڪستاني نوجوانن کي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيتي پروگرامن سان گڏوگڏ راندين ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن انهن جي سوچ کي وسيع ڪري ۽ انهن ??ي مهارتن سان همڪنار ڪرڻ ۾ مدد ملي.