اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بيلاروس جي 68 رڪني اعليٰ سطحي ??فد جو اسلام آباد ??هچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. ??فد ۾ بيلاروس جو پرڏيهي وزير، توانائي وارو وزير، صحت، عدل ۽ انصاف، مواصلات، قدرتي وسيلن، هنگامي حالتن وارن وزير سم??ت چيئرمين ملٽري انڊسٽري ڪميٽي شا??ل آهن، ??فد ۾ بيلاورس جي 43 وڏيون ڪاروباري شخصتيون به شا??ل آهن. گهرو وزير بيلاروس جي پرڏيهي وزير م??ڪس?? ريجنڪوف ۽ توانائي واري وزير سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير چيو ته ??فد کي اسلام آباد ??هچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي اڄ اچڻ جا منتظر آهيون. گهرو وزير چيو ته بيلاروس جي صدر جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار سم??ت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملندي.