راولپنڊي-05 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ريجنل ميري ٽائم سيڪيورٽي پيٽرول دوران جب??تي جو دؤرو ڪيو، جتي جب??تي بحريه جي عملدارن پاڪ بحريه جي جهاز جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس ذوالفقار جي ميزبان بحري عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. جب??تي بحريه جي ڪمانڊر ۽ ڪوسٽ گارڊز سان پيشيوراڻي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري جي پڄاڻيءَ تي جبو??ي ڪوسٽ گارڊز سان گڏيل بحري مشق منعقد ڪئي وئي. مشق جو مقصد گڏيل آپريشنز جي صلاحيت ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ بهتر بنائڻ هو. پاڪستان ۽ جب??تي جي سامونڊي فوج وچ ۾ ٻه طرفه رابطا ٻنهي ڀائرملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. جب??تي ۾ قيام دوران مخت??ف ملڪن جي سفيرن، دفاعي اتاشي، جب??تي جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان مقامي ۽ پاڪستاني ڪميونٽي به جهاز جو دؤرو ڪيو. ان دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.