اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عالمي آرٽ نمائشون قومن جي وچ ۾ فنڪاراڻي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اها ڳالهه هن پاڪست??ن نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ عالمي شهرت يافته سريلنڪن مصور معين ساهيد ۽ سندس پٽ بلال راجي ساهيد جي پينٽنگ نم??ئش کي خاص مهمان جي حيثيت سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ثقافتي مٽاسٽا ۽ سوچ کي جنم ڏيندڙ فن پارن ۾ سريلنڪا جي متصورن معين ساهيد ۽ بلال راجي ساهيد جي ڪردار کي ساراهيو. هن معين ساهيد کي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي يادگار جي طور تي پاڪستان جي ڪنهن اهم تاريخي جڳهه تي هڪ پينٽنگ تيار ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. واضح رهي ته پاڪست??ن نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) تازو ئي عالمي شهرت يافته سريلنڪن مصور معين ساهيد ۽ سندس پٽ بلال راجي ساهيد جي شاندار پينٽنگز نم??ئش جي پڄاڻي واري مرحلي جي ميزباني ڪئي. نم??ئش کي پاڪستاني عوام، آرٽ جي شوقينن وسيع پئماني تي ساراهيو. معين ساهيد سريلنڪا جي قديم غارن ۽ جبلن تي لکيل ڪتبي جي موضوع تي پنهنجون تخليقون پيش ڪيون. پنهنجي تخليقن ۾ مشهور اپسرا پينٽنگز جي عنصرن کي شامل ڪري هن ڏسندڙن جي دلين کي گهرائين تائين ڇُهيو. معين ساهيد لاهور ميوزيم جي مستقل ڪولڪيشنز جي لاءِ ميوزيم جي ڊائريڪٽر جنرل کي پنهنجي هڪ پينٽنگ پڻ پيش ڪئي. بلال راجي ساهيد جيڪو لن??ن جي رائل ڪاليج آف آرٽ مان گريجوئيٽ آهي، هن پنهنجي سريلنڪن ثقافتي سوچ ۽ مشاهدن کي منعڪس ڪندڙ فن پارن جي سيريز پيش ڪئي. پنهنجي نمائشن کانسواءِ معين ساهيد ۽ بلال راجي ساهيد نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۽ پنجاب يونيورسٽي جي فنون لطيفه جي شعبي سميت ذڪر جوڳي ادارن ۾ ڪيترن ئي دلچسپ مباحثن جو پڻ اهتمام ڪيو. پي اين سي اي ۾ اها نم??ئش 20 آڪٽوبر 2024ع تائين ج??ري رهندي. ان دوران فنڪارن جي ڳالهه ٻولهه، سيشن ۽ ورڪشاپس پڻ منعقد ٿيندا.