پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت هيٺ اهم مشاورتي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ امن قا??م ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ٿيو. گهرو وزارت جي ??رج??ان ??وجب خميس ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پشاور جي دوري دوران گورنر هائوس ويو جتي اهم مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير امير مقام، اي اين پي جو صدر ايمل ولي خان، ميان افتخار، قومي وطن پارٽي جي سڪندر حيات شيرپائو سميت ٻ?? سياسي قيادت شريڪ ٿي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ امن قا??م ڪرڻ جي حوالي سان ??شاورت ٿي. اجلاس ۾ آءِ جي، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا ۽ ڪانڊنٽ ايف سي به شرڪت ڪئي.