اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??عو??ي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي ??عو??ي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دوستي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين، خادم الحرمين الشريفين ??اه?? سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي متحرڪ قيادت ۾ ??عو??ي عرب عالمي رهنما جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، بين المذاهب مڪالمي، افهام تفهيم ۽ مختلف عالمي فورمز جي ذريعي تعاون جي فروغ جون ??عو??ي ڪوششون مثالي آهن، پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جا لاڳاپا گڏ??ل احترام، تعاون، گڏيل قدرن ۽ پائيدار دوستي تي ٻڌل قدر رکن ٿا، مسلمان دنيا جي رهنما جي طور تي ??عو??ي عرب انصاف، برابري ۽ امن جي مقصد جي مسلسل حمايت ڪئي آهي. ??عو??ي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام پاران خادم الحرمين الشريفين ??اه?? سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان، ??عو??ي عرب جي ڀائر عوام کي ??عو??ي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي خوشي جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسان ??اه?? سلمان بن عبدالعزيز جي دورانديش قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. جنهن مملڪت جي ترقي ۽ خوشحالي طرف ثابت قدمي سان رهنمائي ڪئي، گڏوگڏ هن خادم الحرمين الشريفين جي مقدس ذميوارين کي پڻ چڱي ريت نڀايو. وزيراعظم چيو ته اسان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي صاحب بصيرت قيادت کي پڻ تمام گهڻو ساراهيون ٿا، جنهن جي قدمن ??عو??ي عرب کي جديديت ۽ اقتصادي ترقي جي مشعل بردار جي حيثيت تي فائز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن اسان پنهنجي ??عو??ي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ هي مبارڪ ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته آئون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دوستي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ??عو??ي عرب کي خوشحالي، ترقي ۽ ڪاميابي عط?? فرمائي.