اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ارسا جو معاملو اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي ارسا ميمبر?? کي گ??را??ڻ ۽ معاملي تي تفصيلي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 1991ع جي پ??ڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته مسئل?? کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، ارسا جي حوالي سان اسيمبلي ميمبرن جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ارسا پاران پ??ڻي جي ڊائيورزن جي فيصلي جي حوالي سان سيد نويد قمر، نواب يوسف ٽالپر، شبير علي بجاراڻي، مير غلام علي ٽالپر ۽ ٻين جي اعتراض وارن نقطن تي جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1991ع جي پ??ڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، نواز شريف جي سدائين ڪوشش رهي آهي ته مسئل?? کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي. هن چيو ته ارسا جي حوالي سان اسيمبلي ميمبرن جا خدشا آهن، اسيمبلي ميمبر هارين ۽ آبادگارن جو آواز ايوان ۾ اٿاريندا آهن، زراعت سان اسان جي معيشت واڳيل آهي، اهو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. هن چيو ته ارسا جي ميمبرن ۽ صوبائي نمائند?? کي خصوصي طور تي گهرايو وڃي ته جيئن تفصيلي بريفنگ ٿي سگهي ۽ ان مسئلي جو مناسب حل ڳولي سگهجي. ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي چيو آهي ته جن اسيمبلي ميمبرن اهو معاملو اٿاريو آهي انه?? کي به ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويندو. ارسا جي ميمبر?? کي به گهرايو ويندو جڏهن ته جيڪي به ميمبر ان معاملي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اُهي پنهنجا ن??لا ڏين ته جيئن انه?? کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي ميمبر محمد احمد چٺا جي ??يا?? ڇڪايو نوٽيس تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضلعي وزيرآباد ۾ پاسپورٽ آفيس ٺهڻ گهرجي، ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا.