اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز ??ري?? گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ محمد بن راشد المڪتوم جا آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃيا آهن. هن چيو ته امن، ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي آئون گڏيل عرب امارات جي قي??دت ۽ عزت مآب جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. مون کي يقين آهي ته گڏجي ڪم ڪري اسان پنهنجي ماڻهن جي روشن مستقبل جي تعمير ڪري سگهون ٿا. گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي ??زي??اعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي مبارڪباد واري پيغام جي جواب ۾ ??زي??اعظم پنهنجي آفيشل ايڪس ??ڪائونٽ تي لکيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جو ڀائيچارو زندهه آباد. گڏيل عرب امارات جي ??زي??اعظم آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي قي??دت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، ترقي جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ خوشحالي ۽ ڪاميابي جي مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ملڪ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.