لاهور -03 آگسٽ (اي پي پي) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۽ سڌ سماءَ واري وزارت جي انتظام هيٺ اڄ 4 آگسٽ آچر تي منجهند جو 2 وڳي ابوبڪر بلاڪ گارڊ?? ٽائون لاهور ۾ يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي هڪ پينل ڊسڪشن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل تقريب ۾ اديب، دانشور، صحافي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت زندگي جي مخ??لف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. پينل ڊسڪشن ۾ ڀارت طرف??ن والاريل ڪشمير تي قبضي کي قانوني شڪل ڏيڻ ۽ ان جي خودمخ??يا?? حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.