اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي)صنعتن، پيداوار ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي ??وقعي تي اسان ڪشميرين جي خود اراديت واري حق جي ??نصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي ??ربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. سومر ڏينهن وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ جا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جي ڀڇڪڙي آهن، ??ن ۾ چيو ??يو ??و ته رياست ڄمون ڪشمير جي ??ستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي ??رضي مطابق آزاد، اڻ ڌري ۽ گڏيل قومن جي ??گراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ??يندو. هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻي قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ سنگين ڪارروائين سان گڏيل قومن جي ??هرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لاءِ سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??هرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني ب??ائ?? جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي سمورن شهيدن کي سندن لازوال قربانين ۽ سندن ڪٽنب جي ڀاتين کي انهن جي عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. پاڪستان پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ سندن جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو.