ڪراچي -05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ??ار?? غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جون سسموريون اٽڪلون آزمائي چڪو آهي، پر مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق پي پي پي جي چيئرمين يوم استحصال ڪشمير ج?? موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ??ار?? پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪرڻ ذريعي دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته هو رياستي ظلم تي يقين رکي ٿو. هن چ??و ته ??ار?? جي ڄاڻايل قدمن جو مقصد ??ار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چ??و ته 5 آگسٽ 2019ع تي ??ار?? پاران کنيل قدمن گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چ??و ته پاڪستان پيپلز پارٽي سمورن عالمي فو??من تي ڪشميري عوام جي حقن جي وڪالت جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪيون ٿا ته اها ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻي ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حقن جي حمايت گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ڪري.