لاهور- 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ (اڄ) 05 آگسٽ تي ڀارت پاران ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ خلاف ۽ ڪشميرين جي آزادي و??ري حق جي حمايت لاءِ يوم استحصال ملهايو پيو وڃي، اي پي پي سان ڳالهائيندي پ??ڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي سڪريٽري جنرل سيد حسن مرتضيٰ چيو ته مودي حڪومت جو ڪشمير تي طاقت جي بنياد تي قبضو عالمي ضمير جي منهن تي چماٽ آهي، 05 آگسٽ 2019ع تي ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي لتاڙ ڪندي پنهنجي آئين ۾ ترميم ڪئي ۽ ڪشمير کي ڀارت جو حصو قرار ڏنو جنهن تي گڏيل قومن کي قدم کڻڻ گهرجن ها پر سڄي دنيا خاموش رهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي نه صرف ان قبضي جي مذمت ڪري ٿي پ?? اسان صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين جي آزادي جي حمايت ڪندي آزادي جي ان جدوجهد ۾ ڪشميرين ج?? ساٿ ڏئي رهيا آهيون، ان موق??ي تي پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر نيلم جبار ۽ راحيله خادم حسين چيو ته ڪشميري پ??ڪستان جو اهم حصو آهن ۽ ڪا به ترميم ڪشميرين کي پ??ڪستان کان ڌار نه ٿي ڪري سگهي دنيا کي ڪشميرين جي آزادي لاءِ آواز اٿارڻو پوندو.