اسلام آباد-12 جول??ءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جا هنگري سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان هنگري سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن هنگري جي سفير بيلافيزيڪاس سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن جمعي ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پارلياماني تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي مل??ن جي عوام ??ي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پارلياماني ??فدن جي مٽاسٽا ۽ پاڪ – هنگري پارلياماني ??رينڊشپ گروپ ذريعي گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق تعليم جي ميدان ۾ هنگري جي تعاون کي ساراه??و. ??فير اسپيڪر جي هنگري ل??ءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هنگري جي سفير به پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪ??و. ??فير هنگري جي اسپيڪر طرفان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پارلياماني ??فد سان گڏ دوري جو دعوت نامو به ڏنو.