اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته بيلاروس پاران اول نائب پرڏيهي وزير سرگئي لوڪا شيوچ وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين سياسي لاڳاپن، اعليٰ سطح جي مصروفي??ن ۽ ڳالهه ٻولهه، واپار ۽ سيڙپڪاري، فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. پاڪستان بيلاروس لاڳاپن جي رفتار تي ا??مينان جو اظهار ڪندي هن گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن ۾ تعاون وڌائڻ تي ا??فاق ڪيو. ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت گهڻ رخي فورمز تي تعا??ن جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. سفير سرگئي لوڪا شيوچ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي تعا??ن جي شعبن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.