اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي و??پار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر سالياني جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان ترڪيه جي پرڏيهي و??ير هاڪان فيدان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ خصوصي اهميت وارن ڀائراڻن لاڳاپ?? جي اهميت جو ذڪر ڪندي و??يراعظم ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپ?? جي فروغ تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪ?? جي مختلف شعبن خاص طور تي و??پار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو بهترين گڏيل لاڳاپن سان هم آهنگ نه آهي. وزيراعظم ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر سالياني جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته اسان ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي صنعتن کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ دعوت ڏئي رهيا آهيون. عالمي ۽ علائقائي حالتن خاص طور تي غزه ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي پڻ ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوا?? جي وچ او??ر ۾ پائيدار ام?? جي قيام جي لاءِ غزه ۾ مڪمل جنگبندي جي حمايت کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم وچ او??ر ۾ مستقل ام?? جي لاءِ ٻه رياستي حل جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم ترڪ صدر کي هائي ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪا??ونسل جي ستين اعليٰ سطح جي اجلاس جي گڏيل صدارت جي دعوت جو پيغام پڻ ڏنو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪ?? جي قومي دلچسپي جي معاملن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.