اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ بحريه جي اتر عرب سمنڊ ۾ منشيات اسمگ??نگ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ کي ساراهيندي چيو آهي ??ه پاڪ بحريه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگ??نگ جي روڪٿام جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم منشيات اسمگ??نگ ڪندڙ لانچ کي پڪڙڻ تي پي اين ايس اصلت جي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪ بحريه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگ??نگ جي روڪٿام لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آه??. و??يراعظم چيو ته پنهنجي پيارن کان پري گهري سمنڊ ۾ پنهنجا فر?? سرانجام ڏيندڙ پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي.