اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا جو 3 ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد واپس روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي بلوچ??تا?? جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي الوداع ڪيو. صدر کي دوري دوران بلوچ??تا?? ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. صدر آصف علي زرداري دوري ۾ بلوچ??تا?? جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي مسئلن جي حل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.