اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان ازب??ست??ن جي پرڏيهي وز??ر بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزارت عظميٰ جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ازبڪ پرڏيهي وز??ر ازب??ست??ن جي صدر شوڪت مرزيوئيف پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ازب??ست??ن جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ازب??ست??ن جي صدر شوڪت مرزيوئيف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ساڻس ملاقات جو منتظر آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پا??ست??ن ۽ ازب??ست??ن جي وچ ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ازب??ست??ن سان ٻطرفي واپار ۽ ٻ??ن منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پا??ست??ن جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ازب??ست??ن کي پا??ست??ني بندرگاهن تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت سان هڪ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ازب??ست??ن – افغانستان – پا??ست??ن ريلوي منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي ان جي جلد تڪميل جي لاءِ پا??ست??ن جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.