اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان اي??ان جي شهر راسڪ ۽ چابهار ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي ٺڪاڻن ت?? ٿيندڙ ڪڌي ۽ وحشياڻي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري هڪ بيان ۾ چيو ??ه اسان متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪري??ن ٿا ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ?? اي??ان جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. ترجمان چيو ??ه پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، اسان کي هن خطي ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ ڪاررواين ت?? گهري ڳڻتي آهي، اهو هڪ علائقائي ۽ عالمي خطرو آهي جنهن جي لاءِ پرعزم ردعمل جي ضرورت آهي.