پشاور – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر??خت??نخواهه ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري جي متاثرين ۾ مع??وضي جا چيڪ ورهايا. وزيراعظم وفاقي حڪومت پاران ضم ٿيل قبائلي ضلعن سميت خيبر??خت??نخواهه جي مختلف ضلعن ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن ۾ 20 لک رپيا ۽ هر زخمي ۾ 5 لک رپين جا چيڪ ورهايا. وزيراعظم گورنر هائوس ۾ منعقد هڪ تق??يب دوران متاثرين کي مع??وضي جا جا چيڪ حوالي ڪيا. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو خيبر??خت??نخواهه جو هي پهريون دورو هو. ان موقعي تي خيبر??خت??نخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، قومي اسيمبلي ميمبرن خواجه محمد آصف، انجنيئر امير مقام، سردار محمد يوسف، مرتضيٰ جاويد عباسي، عطاءُ الله تارڙ، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اسحاق ڊار، خيبر??خت??نخواهه جي اڳوڻي گورنر انجنيئر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، آءِ جي پي خيبر??خت??نخواهه اختر حيات گنڊاپور، صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ برساتن ۾ فوت ٿيندڙن جا پونئير پڻ تق??يب ۾ موجود هئا. ياد رهي ته خيبر??خت??نخواهه ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري دوران 27 ٻ??رن سميت 40 ماڻهو فوت ۽ 62 زخمي ٿيا. وزيراعظم لاڳاپيل عملد??رن ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته سمورن تباهه ٿيل ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيل گهرن جو ڪاٿو 5 ڏينهن ۾ مڪمل ڪن ۽ مع??وضي جي ادائيگي جو عمل 11 مارچ 2024ع تائين مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل اد??رن کي هدايت ڪئي ته اهي اهلڪ??رن جي چرپر جي لاءِ هيلي ڪاپٽر جي سهولت استعمال ڪن ته جيئن خيبر??خت??نخواهه جي ڏورانهن ضلعن ۾ تباهه ٿيل ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيل گهرن جي ڪاٿي کي جلد کان جلد يقيني بڻائي سگهجي ته جيئن مع??وضي جي پئڪيج جو عمل مڪمل ڪري سگهجي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ دير ناقابل قبول هوندي ۽ پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندڙ اهلڪ??رن جو احتساب ڪيو ويندو. محمد شهباز شريف اعلان ڪيو ته خيبر??خت??نخواهه ۾ هر تباهه ٿيل گهر جي نئين سر تعمير/ مرمت جي لاءِ 7 لک رپيا ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيل گهر جي لاءِ 3 لک رپيا فراهم ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته مالي مع??وضو انساني زندگي جو نعم البدل نه آهي. هن چيو ته قرآن پاڪ ۽ سنت نبوي ﷺ به مشڪل حالتن ۾ صبر جي تلقين ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن ٻئي ڏينهن به بلوچستان جي برسات کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ متاثرين جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گذريل مهيني رپورٽ ٿيندڙ انساني جانين جي لحاظ کان خيبر??خت??نخواهه سڀ کان وڌيڪ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر صوبو آهي جنهن کانپوءِ بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير جو نمبر اچي ٿو ۽ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر خاندانن جي مدد جي لاءِ وفاقي حڪومت سمورا ضروري وسيلا استعمال ڪندي. وزيراعظم تازي طوفاني برساتن دوران ريليف ۽ ريسڪيو جي ڪوششن ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، پوليس ۽ خيبر??خت??نخواهه جي ضلعي انتظاميا جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته اين ڊي ايم اي سميت وفاقي حڪومت جا ادارا خيبر??خت??نخواهه جي متاثرين جي هر ممڪن بحالي ۽ مدد ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئون هتي خيبرپخوتنخواهه جي برساتن جي متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ همدرديءَ جي لاءِ آيو آهيان. هن هر ممڪن مدد ۽ تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي خطري ۾ ورتل 7 ملڪن ۾ شامل آهي ۽ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي وڃي نه ته ايندڙ نسل اسان کي مع??ف نه ڪندي. هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ جي متاثرين ۾ پڻ اربينر پين جو پئڪيج ورهايو ويو. ان دوران سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر??خت??نخواهه سميت سمورن صوبن ۾ ريليف ۽ ريسڪيو آپريشنز جي ذاتي طور تي نگراني ڪئي. وزيراعظم برسات کان متاثر ماڻهن ۽ ٻ??رن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ان جا مسئلا معلوم ڪيا. وزيراعظم ۽ ٻين فوت ٿيندڙن جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ خيبر??خت??نخواهه جي گورنر حاجي غلام علي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. بعد ۾ گورنر وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ مع??شي مع??ملن سميت مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.