ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪارگل جي پاڪس??ان سان زرعي شعبي ۾ تعاون ۽ پ??ڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو آهي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ لاءِ خ??وص?? سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قدمن کي اجاگر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪارگل جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائيڪس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪارگل جي پاڪس??ان سان زرعي شعبي ۾ تعاون ۽ پ??ڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن تي روشني وجهندي خ??وص?? سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي قيام ۽ گهٽ عرصي ۾ ان جي مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن ۽ ان جي مثبت نتيجن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم حڪومت جي غذائي تحفظ جي لاءِ قدمن خاص طور تي خ??وص?? سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زرعي شعبي ۾ جدت جي قدمن تي پڻ روشني وڌي. برائن سائيڪس مختلف شعبن خاص طور تي زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪس??ان حڪومت پاران فراهم ڪيل سهولتن کي ساراهيو.