اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ خساري جو شڪار قومي م??ڪيتي ادارن جي فوري نجڪاري ضروري آه??. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد نگران وزيراعظم کي خساري جي شڪار قومي م??ڪيتي ادارن جي نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظ?? خساري جي شڪار قومي م??ڪيتي ادارن (ايس او ايز) جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ خساري جي شڪار ادارن (ايس او ايز) جي فوري نجڪاري ضروري آه??، ان ڳالهه ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو ڪردار ساراهه جوڳو آه??.