اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي بلوچستان ج?? علائقي مستونگ ۾ ڌماڪي جي شديد لف??ن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. پنهنجي ب??ان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي بزدلاڻ?? ڪاررواين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ٿي سگهن، پورو پاڪستان دهشتگردي جي لعنت جي خلاف متحد آهي. هن چيو ته دهشتگرد عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، سيڪي??رٽ?? فورسز ۽ عوام جي تعاون سان دهشتگردي جي لعنت جو مڪمل خاتمو ڪنداسين.