اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ معاشري کي ع??م برداشت کان پاڪ ??رڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائدا??ظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهزاده حسين ??رهان الدين ??ي سربراهي ۾ بوهره ڪميونٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حسين ??رهان الدين نگران وزي??اع??م کي پنهنجي والد ۽ بوهره ڪميونٽي جي روحاني پيشوا سيدنا ڊاڪٽر مفضل سيف الدين پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي نگران وزي??اع??م چيو ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائدا??ظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. ملاقات ۾ نگران وزي??اع??م معاشري کي ع??م برداشت کان پاڪ ??رڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. نگران وزي??اع??م سماجي فلاحي، تعليمي، معاشي ۽ ٻين ??عبن ۾ بوهره ڪميونٽي جي خدمتن کي ساراهيو. وفد نگران وزي??اع??م کي ڪراچي ۾ بوهره ڪميونٽي جي تعمير هيٺ اسپتال بابت آگاهه ڪيو. نگران وزي??اع??م چيو ته غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وفد نگران وزي??اع??م کي بوهره ڪميونٽي جي مختلف جاري ڪمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ڪراچي ۾ تعمير هيٺ دل جي مرض جي علاج لاءِ اسپتال سرفهرست آهي. نگران وزي??اع??م ملاقات ۾ لاڳاپيل عملدارن کي بوهره ڪميونٽي سان تعاون ۽ ان کي مڪمل سهولتون فراهم ??رڻ جون هدايتون ڪيون.