راولپنڊي – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير راولپنڊي ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طاهره اورنگزيب جي رهائشگاهه تي ويو ۽ اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگز??ب سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري اڳوڻي وزير مريم اورنگزيب اطلاعات وارو نگران وزير بڻجڻ تي ??رت??يٰ سولنگي کي مبارڪباد ڏني ۽ دعا ڪئي ته توهان ان قومي ذميواري ۾سرخرو ٿيو. اطلاعات واري نگران وزير ??رت??يٰ سولنگي مريم اورنگزيب جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي 16 مهينن ۾ اطلاعات واري وزارت کي بهترين انداز ۾ هلائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي شاندار قانونسازي توهان جي جمهوري مزاج ۽ مشاورت جي هنر جو ڪمال ثابت ٿيو. هن چيو ته مريم اورنگزيب ڪارڪر??گي جو معيار قائم ڪيو، ڪوشش هوندي ته ان جو تسلسل جاري رکي سگهان. اطلاعات واري نگران وزير ??رت??يٰ سولنگي مريم اورنگز??ب سان ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ اچڻ تي مريم اورنگزيب پنهنجي والده طاهره اورنگزيب ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏ ??رت??يٰ سولنگي جو استقبال ڪيو ۽ کيس گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري نگران وزير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي طاهره اورنگزيب، مريم اورنگزيب، حسن اورنگزيب ۽ ٻين گهرڀاتين جا ٿورا مڃيا.