اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ملتان جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملتان ۾ علاج جي عالمي سهولتن سان ليس تعمير هيٺ نشتر ٽو اسپتال جو دورو ڪندو ۽ جاري تعميراتي ڪمن جو جائزو وٺندو. 500 بسترن تي ٻڌل ان اسپتال سان ڏکڻ پنجاب جي ڏورانهن علائقن جا ما??هو فائدو کڻندا. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪند??. و??يراعظم ملتان ۾ ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ باصلاحيت نوجوانن ۾ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تحت چيڪ ورهائيند??. و??يراعظ۾ يوٿ لون اسڪيم تحت هيستائين هڪ لک 10 هزار ??ان وڌيڪ باصلاحيت نوجوانن کي 101.6 ارب رپين جا آسان ۽ قرض وياج تي قرض ڏنا ويا آهن جيڪي انهن کي پنهنجي زرعي ۽ ٻئي ڪاروبار سان بااختيار، خودمختيار ۽ ٻين نوجوانن جي لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم ملتان ۾ باصلاحيت ۽ قابل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ پڻ ورهائيند??. و??يراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.