اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري کان گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ??ه پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام الحاق ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ رهندڙ ڪشميرين سان پنهنجي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هي ڏينهن 1947ع ۾ سرينگر ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ آل ڄمون ۽ ڪشمير مسلم ڪانفرنس پاران هڪ قرارداد جي منظوري جي ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ ڪشمير کي پاڪستان سان ضم ??رڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن چيو ??ه اسان ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني ب??ائ??ن. هن چيو ??ه ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪڏهن به پائيد??ر امن حاصل ??ه ڪري سگهبو ۽ ان جي حقيقي ترقي جي صلاحيت مان موقعو نه کڻي سگهبو.