اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ جي اڄ ٿيندڙ گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ويندي، پارليامينٽ جي فورم ??ان دنيا کي اسلام ۽ ٻين مذهبن جي احترام جو پيغام ڏنو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف به پارليامينٽ کي خطاب ڪندو، قومي احساسن جي ترجماني ڪندي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪن??و. ??ڏهن ته سڀاڻي جمعي ڏينهن سڄ?? ملڪ ۾ قرآن تقدس ڏهاڙو ملهايو وين??و. ??وئيڊن واقعي ت?? ملڪ گير احتجاج ۽ ريليون نڪرنديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم سمورين پارٽين ۽ قوم کي احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته ”آئون مذمت ڪريان ٿو“ مهم به شروع ڪئي وئي آهي، قوم خاص طور تي نوجوان ان ۾ ڀرپ??ر حصو وٺن ۽ قرآن تقدس ڏهاڙي کي هڪ تحريڪ ۾ بدلائين.