اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي بجيٽ اجلاس جي شيڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن مطابق اجلاس 24 جون تائين جاري رکيو ??يندو. اسپيڪر راجه پرويز اشرف جي صدارت هيٺ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ هلندڙ بجيٽ اجلاس کي ڇنڇر 24 جون 2023ع تائين جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ??يو. اجلاس ۾ بجيٽ اجلاس جي ايجنڊا ۽ ڪيتري وقت تائين هلڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪميٽي اجلاس ۾ بجيٽ 24-2023ع تي 17 جون تائين عام بحث جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. جنهن کان پوءِ سينيٽ آف پاڪستان طر??ان ڏنل سفارشن تي غور ڪيو ??يندو ۽ 19 جون 2023ع تي ناڻ?? وارو وزير بجيٽ 24-2023 تي عام بحث کي سهيڙيندو. غير منظور ٿيل خرچن (چارج ايڪسپنڊيچرز) تي بحث 20 جون تي ٿيندو جڏهن ته ڪٽوتي جي تحريڪن تي بحث 21 ۽ 22 جون تي ٿيندو. فنانس بل، 2023ع تي غور ۽ منظوري 23 جون لاءِ تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 24 جون تي 2021، 2022 ۽ 2023 جي لاءِ گرانٽن جي ضمني مطالبن تي بحث ڪيو ??يندو. ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ??يو ته بجيٽ اجلاس ڇنڇر 17 جون ۽ 24 جون تي به جاري رکيو ??يندو. اجلاس ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين، مرتضيٰ جاويد عباسي، شازيه مري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، حامد حميد، ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي، صابر حسين خائمخاني، ولانا عبدالاڪبر چترالي، چوڌري برجيس طاهر، قومي اسيمبلي جي سي??ري??ري طاهر حسين ۽ قانون ساز?? واري ايڊيشنل سي??ري??ري محمد مشتاق شرڪت ڪئي.