اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بجلي جي پيداوار، رسد ۽ ورڇ جي بهتريءَ لاءِ 107 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وفاقي ڪابينه کان منظوريءَ کان پوءِ وفاقي بجيٽ جي دستاويز قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بجليءَ جي پيداواري صلاحيت 41 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي، ان ۾ پن بجليءَ جو حصو 25 سيڪڙو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضروري آهيته بجلي جي پيداوار ۾ ملڪي وسيلن ۽ تجديد جوڳي توانائيءَ جو وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي ته جيئن ملڪي آمدني واپار کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ بجلي جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، ان سان گڏوگڏ بجلي جي رسد جي نظام ۾ بهتري آڻڻ به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي. اسحاق ڊار چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ وڌ کان وڌ رسد واري نظام جي بهتري آڻڻ به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اسحاق ڊار چيو ته بجلي جي شعبي ۾ ڪوئلي مان هلندڙ ڄامشورو پاور پلانٽس 1200 ميگاواٽ جي تڪميل لاءِ ??ينڊڙ مالي سال ۾ 12 ارب رپين ج?? رقم رکي ويندي. پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائين ج?? منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 16 ارب رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. اين ٽي ڊي سي جي موجوده گرڊ اسٽيشنز ۾ گنجائش ۾ بهتري آڻڻ لاءِ 5 ارب رپيا، سڪي ڪناري، ڪوهالا ۽ محل هائيڊرو پلانٽ مان بجلي جي رسد لاءِ 13 ارب رپيا ?? داسو هائيڊرو پاور پلانٽ مان بجلي جي رسد لاءِ 6 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ ??مدني واپار تي ڀاڙي ٿو، ان آمدني واپار جي قيمت ۾ ناڻي واڌ جو هڪ اهم سبب آهي ۽ ان ج?? قيمت ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ ??سان جي ح??ومت پاڪستاني ڪوئلي جي استعمال ۽ شمسي توانائي کي هٿي ڏيارڻ لاءِ پختو ارادو رکي ٿي. ان سلسلي ۾ مختلف قدم کنيا پيا وڃن ج?? ۾ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي جي ڪارڪنن ج?? ترغيب ڏني پئي وڃي ته هو مقامي ڪوئلو استعمال ڪن. اهڙيءَ طرح سولر پينلز، انورٽر ۽ بيٽريز ۽ خام مال کي ڪسٽم ڊيوٽي کان آجو ڪيو پيو وڃي. خام تيل، ريفائينڊ پيٽروليم ش??ون اسان ج?? توانائيءَ جي ضرورتن ج?? وڏو حصو آهن ۽ ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا انهن شين ج?? کوٽ پيدا ٿي آهي جنهن سان سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽون آيون، هاڻي اهڙي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيٽروليم شين لاءِ ??انڊڊ بلڪ اسٽوريج جي پاليسي جاري ڪئي پئي وڃي، ان پاليسيءَ تحت پرڏيهي سپلائر پنهنجي مالي وسيلن لاءِ ??ين الاقوامي منڊيءَ مان خام تيل ۽ پيٽروليم ش??ون پاڪستان گُهرائي بانڊڊ بلڪ اسٽوريج ۾ ذخيرو ڪندا. ضرورت وقت ريفائنري يا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيءَ کي غير ملڪي سپلائر کان هي ش??ون خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي.